ميرپورخاص ۾ آبپاشي کاتي جي ملازمن جو ڌرڻو

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ)  سنڌ ايريگيشن يونين متحده فيڊريشن  نارا ڪينال سرڪل جي سڏ تي ايريگيشن جي سوين ملازمن پاران ڪامورن جي ڪرپشن، ملازمن جي حقن تي ڌاڙا هڻڻ ۽ جائز مسئلن جي حل نه ٿيڻ خلاف هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي نارا ڪئنال  آفيس کان ميرپورخاص پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي نٽهڻ اس ۽ شديد گرمي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي دوران سخت گرمي ۽ بوسٽ سبب 3 ملازم بيهوش ٿي ويا جن کي پاڻي جا ڇنڊا ۽ ونجڻين سان هوا هڻي کين هوش ۾ آندو ويو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي صوبائي صدر الله بخش ڌامراه، صوبائي جنرل سيڪريٽري راڻو خان جتوئي ، خان محمد نظاماڻي، عبدالسلام شر، سليمان رند ، انور کوسو ۽ ٻين چيو ته ملازمن جا جائز مسئلا حل نه ٿيڻ سبب ايريگيشن جي ملازمن ۾ سخت بي چيني ۽ ڳڻتي واري صورتحال ڇانيل آهي، هنن چيو ته اسان جي ريٽائرڊ ملازمن جي اولاد تي رحم ڪيو وڃي، جيڪي سالن کان بنا پگهار جي پنهجي حدن ۾ ڊيوٽيون ڪري رهيا آهن، انهن کي سن ڪوٽا تحت بحال ڪري روزگار فراهم ڪيو وڃي ، فوتي ڪوٽا جي طريقي کي آسان بڻايو وڃي يوٽيلٽي الائونس جاري ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.