سنڌ ۾ آفيسر منشيات فروشن جي پٺڀرائي پيا ڪن: حليم عادل

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ اسميبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي منع نامي باوجود سنڌ ۾ منشيات وکر جيان وڪامجي رهي آهي ۽ ان جي سرپرستي سنڌ جا اعليٰ آفيسر ڪري رهيا آهن، جن کي ڪير چوڻ وارو ناهي.اينٽي ڊرگس نارڪوٽيڪس ڪانفرنس حيدرآباد پاران منشيات جي خاتمي لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب جي نيو آڊيٽوريم هال ۾ هڪ سيمينار رٿيو ويو، جتي ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته پوليس اندر ڪاريون رڍيون آهن، جن خلاف ڪارروائي ڪري کين گهر روانو ڪيو وڃي. نوجوان هوٽلن تي منشات واپرائن ٿا، اتي پوليس ڇا ٿي ڪري؟ ڪجهه  پئسن عيوض نوجوان نسل تباهي طرف وڃي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.