عمرڪوٽ ۾ منظور وساڻ جي کليل ڪچهري، ترقياتي رٿائن، پاڻي کوٽ، تعليم، صحت جون شڪايتون

عمرڪوٽ ( رپوٽ: غلام مصطفيٰ مھر) عوام جا مسئلا حل نه ڪندڙ آفيسرن کي پنهنجي عهدن تي رهڻ جو حق نه آهي، سنڌ حڪومت کي وفاق سان کوڙ ساريون شڪايتون آهن، جنهن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ، حيسڪو جا اضافي بل، ارسا پاران پاڻي جي کوٽ سميت ٻين شين ۾ سنڌ کي نطر انداز ڪيو پيو وڃي اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي صلاحڪار زراعت منظور حسين وساڻ پاران عمرڪوٽ ۾ ڪيل کلي ڪچهري کي خطاب ڪندي ڪيو، جڏهن ته حڪومت سنڌ جي طرفان ملندڙ ترقياتي فنڊز جو بهتر استعمال نه ٿيڻ ۽ ترقياتي اسڪيمن تي وقت سر مڪمل نه ٿيڻ، زراعت جي مسئلن، پاڻي جي کوٽ، ضلعي ۾ تعليمي معيار بهتر نه هجڻ ، روڊ رستن جي تباهي ، انڊس ايگريڪلچر فورم پاران ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ، معذورن پاران نوڪريون نه ملڻ جي شڪايت، وفاق جي کاتن جو سنڌ جي عوام سان ٻٽو معيار، صحت ، تعليم، پوليس، واپڊا ۽ روينيو کاتي جي حوالي سان مونکي کلي ڪچهري ۾ عام ماڻهن جي طرفان جيڪي شڪايتون نوٽ ڪرايون ويون آهن انهن سڀني شڪايتن کي آئون وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه سان گڏجاڻي ڪري هتي جي صورتحال کان آگاهه ڪندس منظور حسين وساڻ ضلعي جي آفيسرن سان عوام پاران نوٽ ڪرايل شڪايتن تي موقعي تي ئي سخت پڇاڻو ڪيو هن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته هتي کلي ڪچهري ۾ حيسڪو جي عملدارن پاران سينيئر آفيسرن جي غير حاضري آهي ۽ جونيئرن آفيسرن کي موڪليو ويو آهي، هن چيو ته وفاق پاران جيڪي ملازم نوڪرين کان برطرف ڪيا ويا آهن انهن کي اسان حڪومت آئي ته ٻيهر بحال ڪنداسين، ايم پي اي سيد امير علي شاهه کلي ڪچهري کي خطاب ڪندي چيو ته عمرڪوٽ واسين پاران اڄ جي کلي ڪچهري ۾ جيڪي به شڪايتون نوٽ ڪرايون ويون  آهن انهن جو جلد ازالو ٿيندو ان موقعي تي ايم پي اي قاسم سراج سومرو، پارليامينٽري سيڪريٽري طارق ٽالپر، صوبائي صلاحڪار پونجو مل ڀيل، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نديم الرحمان ميمڻ ، ايس ايس پي مختيار احمد خاصخيلي، ٻيا آفيسر موجود ھئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.