سنڏ ۾ صحت ۽ تعليم جي بجيٽ ڪرپشن جي ور چڙهي وئي: شهباز گل

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم عمران خان جي خاص صلاحڪار شهباز گل چيو آهي ته سنڌ ۾ صحت ۽ تعليم جو بج يٽ ڪرپشن جي ور چڙهي وئي آهي هڪ بيان ۾  هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌ اندر تعليم تي ڌيان ناهي ڏنو. هن چيو ته سنڌ جا 52 سيڪڙو ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. پرچي سرڪار انهن تي ڌيان ڏئي ڇو ته اين جي اوز جي سهاري ڇڏيل سنڌ جو تعليمي نظام بربادي جي ويجهو پهچي چڪو آهي.شهباز گل چيو ته تعليم جي اهميت کي جيڪڏهن پ پ وارا سمجهي سگهن ها ته تعليم جون 50 اسڪيمون ٻڏتر جو شڪار نه ٿين ها. هن چيو ته وزيراعظم جي هڪ جهڙي نصاب جي شروعات پنجاب کان ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.