عورتن تي تشدد روڪڻ لاءِ قانون کان آگاهي ضروري آهي: نزهت شيرين

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي عورتن واري ڪميشن جي ڇيئرپرسن نزهت شيرين چيو آهي ته سنڌ ۾ عورتن لاءِ گهريلو تشدد کان وٺي جنسي طور حراسان ڪرڻ تائين سمورن ڏوهن کي روڪڻ لاء قانونسازي ٿيل آهي، انهي قانون بابت عورتن کي آگاهي ڏيڻ ضروري آهي ته جيئن تشدد جي واقعن تي ضابطو اچي، ڪالهه ڊي سي آفيس ڪورنگي ۾ ڪاليج جي شاگردياڻين جي تربيتي پروگرام ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ ۾ عورتن جي مدد لاءِ هيلپ لائين موجود آهي، چار دارلامان ڪم ڪن پيا ۽ ٻه دارالامان هن سال کان ڪم شروع ڪندا، اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ جي نوجوان نياڻين کي قانون بابت آگاهه ڪريون ان موقعي تي هڪ شاگردياڻي مهوش چيو ته هو ايندڙ مڪاني ادارن واري چونڊ ۾ اليڪشن ۾ بيهندي ان موقعي تي ملڪه خان ۽ ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.