ڪراچي سائيٽ ۾ 53 لک جي ڌاڙي ۾ ملوث 4 جوابدار گرفتار

ڪراچي ( رپورٽ:حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي جي سائيٽ اي ٿاڻي جي پوليس هڪ ڪارروائي ڪري 53 لک روپين جي ڌاڙي ۾ ملوث چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، تفصيل مطابق ڪراچي جي سائيٽ اي ٿاڻي جي پوليس هڪ ڪارروائي ڪري 53 لک روپين جي ڌاڙي ۾ ملوث چئن جوابدارن شاهنواز عرف شانو ، ذاڪر ، عرف گينڊو ، حميد ۽ اعجاز کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 3 پستول ۽ 22 لک روپيه روڪ هٿ ڪيا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن هڪ هفتو اڳ ۾ هڪ گارمينٽس فيڪٽري جي ڪيشيئر کان 53 لک روپيه ڦريا هئا، پوليس موجب جوابدارن جي باقي ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.