صحافتي قانونن بابت فواد چوڌري خوشخبري ڏيندو: فروغ نسيم

 

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قانون واري وفاقي  وزير فروغ نسيم جو چوڻ آهي ته ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بابت فواد چوڌري جلد خوشخبري ڏيندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قانون واري وزير جو چوڻ هو ته ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بابت فواد چوڌري جلد خوشخبري ڏيندو، ڪوڙيون خبرون روڪڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ پوندو.

هن چيو ته قانون ۾ ترميم جي لاءِ قانون واري وزارت ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته جرنسلٽ پروٽيڪشن بل ۾ قانون واري وزارت انساني حقن جي وزارت جي مدد ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.