نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي خطرناڪ هٿيارن جي ڦهلاءَ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي (اين سي اي) خطي ۾ تباهي ڦهلائڻ وارري هٿيارن جي ڦهلاءَ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ گڏوگڏ اهو به عزم ڪيو ته پاڪستان هٿيارن جي مقابلي ۾ شامل ٿيڻ جي بنا ئي پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان گڏ اسٽريٽجڪ استحڪام کي يقيني بڻائيندو.

وزيراعظم جي آفيسن مان جاري ڪيل پڌرائي موجب اين سي اي جو 25 هون اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اسٽريٽجڪ پلان ڊويزن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ ٿي گذريو.

اجلاس ۾ وزيراعظم کانسواءِ پرڏيهي معاملن، دفاع، گهرو ۽ خزاني جي وزيرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، پاڪ فوج، پاڪ بحريا، پاڪ فضائيا جي سربراهن، ڊي جي انٽر سروس انٽيلي جنس(آءِ ايس آءِ) سميت اين سي اي جي سمورن ميمبرن شرڪت ڪئي.

ياد رهي ته اين سي اي جو چيئرمين وزيراعظم آهي ۽ اهو جوهري معاملن تي فيصلا سازي جو وڏو ادارو آهي.

اين سي اي پاڪستان جي اسٽريٽجڪ اثاثن جي گڏيل سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪمائڻ اينڊ ڪنٽرول سسٽم سان گڏوگڏ حفاظتي قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.

بيان ۾ چيو ويو ته اين سي اي ان ڳالهه جو عزم ڪيو آهي ته پاڪستان هڪ ذميوار جوهري رياست جي طور تي جوهري سلامتي ۽ جوهري عدم ڦهلاءَ جي قدمن کي بهتر بڻائيندي عالمي ڪوششن ۾ معنيٰ خيز ڪردار ادا ڪندو رهندو.

وزيراعظم جي آفيس موجب اين سي او سي خطي ۾ تڪرارن جي موجوده حالتن بابت به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ اين سي اي روايتي ۽ اسٽريٽجڪ شعبن ۾ وڏي پيماني تي هٿيارن جي ڦهلاءَ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.

بيان ۾ ٻڌايو ويو ته اين سي اي جو موقف اهو آهي ته اهڙي اڳڀرائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ نقصانڪار آهي تنهن هوندي به پاڪستان هٿيارن جي مقابلي ۾ شرڪت ڪرڻ بنا ئي خطي ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا قدم کڻندو.

وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب اين سي اي اسٽريٽجڪ فورسز جي تربيت جي اعليٰ معيار ۽ آپريشنل تيارين کي ساراهيو ۽ سائنسدانن ۽ انجنيئرن جي تعريف ڪئي، جن جي ڀرپور ڪوششن پاڪستان کي گهربل هدفن کي حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.