ڪراچي جي ٻن کاتن ۾ ويڙهه، وڏي وزير ٺاهه ڪرائي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي جي ٻن کاتن ۾ ويڙهه ختم ڪرڻ لاءِ اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪي ايم سي ۽ ڪي ڊي ايم تڪرار حل ڪرڻ لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه، ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب، ڊي جي ڪي ڊي اي آصف ميمڻ، ڊائريڪٽر ڪي ڊي اي خالد مسرور ۽ ٻين جي شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بارادري تي انڊر گرائونڊ پارڪنگ ٺاهي آهي، اها پارڪنگ پي سي هوٽل/مقامي هوٽل کي مسواڙ تي ڏني آهي، مقامي هوٽل 35 لک ساليانو مسواڙ ڏيندو آهي، اها ايراضي ڪي ايم سي جي آهي ۽ سٽي حڪومت ان تي پارڪنگ ٺاهي هئي.

وڏي وزير فيصلو ڪيو ته اها ايراضي ڪي ايم سي جي آهي ۽ ڪي ايم سي کي ڏني وڃي.

اجلاس ۾ چيو ويو ته پارڪنگ پلازا امپريس مارڪيٽ ڪي ڊي اي جي ايراضي آهي، ان ۾ 120 دڪان، آفيسون ۽ پارڪنگ اسپيس آهي، پارڪنگ پلازا تي ڪم ايم سي ۽ ڪي ڊي اي ٻئي دعويدار آهن پر ايراضي ڪي ڊي اي جي آهي، اشتهارن جي ڪليڪشن ڊي ايم سيز، ڪي ڊي اي ۽ ڪي ايم سي ڪري رهي آهي.

سيد مراد علي شاهه فيصلو ڪيو ته جنهن جي جڊيشري آهي، اهو اشتهارن جو ڪم ڪري.

وڏي وزير ڪي ڊي اي کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ هڪ ٻي گرانٽ ڏيڻ جو فيصلو به ڪيو، هن گذريل سال 500 ملين رپين جي گرانٽ ڏني هئي.

ڪي ڊي اي جو اربن ڊزائن ڊپارٽمينٽ آهي، جيڪو هن وقت ايس بي سي اي وٽ ڪم ڪري رهيو آهي، وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڪي ڊي اي اهو ڊپارٽمينٽ واپس ڪري ڪم ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.