مولانا فضل الرحمان جو حڪومت کان وڏو مطالبو

 

پشاور(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت خلاف ملڪ ۾ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ الائينس نالي اتحاد جدوجهد ڪري رهيو آهي جنهن جي سربراهي مولانا فضل الرحمان ڪري رهيو آهي.

پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان پاڪستان جي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته طالبان جي حڪومت کي قبول ڪيو وڃي.

نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته طالبان 20 سالن کانپوءِ فاتح بڻجي ڪابل ۾ داخل ٿيا، پاڪستان جي حڪومت طالبان جي حڪومت کي قبول ڪري.

هن چيو ته طالبان جو ڊگهي عرصي تائين حڪومت جو اشارو ۽ عام معافي جو اعلان انهن جي رويي جي عڪاسي ڪري ٿو، هاڻي دنيا به طالبان سان کليل دل جو مظاهرو ڪري.

مولانا فضل الرحمان چيو ته دنيا طالبان جي لاڳاپن ۽ واپار کي فروغ ڏيندي ته اهي به لاڳاپن جو قدر ڪندا، طالبان کي آخرڪار آئين، قانون ۽ عوامي راءِ ڏانهن وڃڻو ئي پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.