ڪراچي: برطرفين خلاف ويڪسينيٽر سراپا احتجاج

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ويڪسينٽرن برطرفي خلاف ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي آڙ ۾ 18 مهينن کان ڪم ڪندڙ ملازمن کي برطرف ڪري من پسند ماڻهو مقرر ڪيا ويا آهن.

هنن الزام مڙهيندي چيو ته صحت کاتي لکين رپيا رشوت وٺي من پسند ماڻهو ڀرتي ڪري تجربيڪار ۽ ميرٽ تي ڀرتي ٿيندڙ ويڪسينيٽرن کي هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي آڙ ۾ فارغ ڪيو آهي.

احتجاج ڪندڙ ويڪسينيٽرن وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته ميرٽ تي ڀرتي ٿيندڙ ويڪسينيٽرن کي بحال ڪري ملازمن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.