خواندگي جو عالمي ڏينهن، سنڌ بابت ڇرڪائيندڙ انگ اکر جاري

 

سڄي دنيا ۾ اڄ خواندگي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو ۽ ان سلسلي ۾ پاڪستان ۾ تقريبون ڪوٺائي مقررن تعليم جي اهميت ۽ ان شعبي ۾ سڌارن تي زور ڏنو.

خواندگي جي شرح ۾ پاڪستان تمام پٺ تي پيل ملڪن ۾ شامل آهي ۽ ملڪ ۾ خواندگي جي شرح ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهي آهي.

تازو جاپان انٽرنيشنل ڪارپوريشن ايجنسي ۽ سنڌ جي تعليم کاتي جي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته افغانستان کانپوءِ پاڪستان ۾ خواندگي جي شرح سڀ کان گهٽ آهي.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ ٻار هن وقت به اسڪول کان ٻاهر آهن، خاص طور تي سنڌ ۾ 60 لک ٻار اسڪولن ۾ داخل نه ٿي سگهيا آهن.

سنڌ ۾ ڏهه سالن جي عمر جا 43 سيڪڙو ٻار اسڪولن ۾ وڃڻ بجاءِ گهرن ۾ ويٺا آهن، جڏهن ته 15 سالن جي عمر جا 45 سيڪڙو ٻار اسڪولن ۾ داخل نه ٿي سگهيا آهن.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سنڌ جي شهري علائقن ۾ 28 سيڪڙو ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جڏهن ته ٻهراڙي جي 61 سيڪڙو گهرن ۾ ويٺل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.