ڪراچي جي واپارين سنڌ حڪومت کي وڏي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي واپارين مطالبا پورا نه ٿيڻ تي سنڌ حڪومت کي وڏي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.

ڪراچي جي واپارين سنڌ حڪومت جي پابندين تي احتجاج ڪيو هو، جنهن کانپوءِ صوبائي وزير ناصر شاهه وٽن پهچي کين مطالبن جي مڃتا جي خاطري ڪرائي هئي پر هاڻ واپارين چيو آهي ته سنڌ حڪومت اسان جا مطالبا ناهن مڃيا.

اليڪٽرانڪس ڊيلرز ايوسيئيشن جي صدر محمد عرفان واپارين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مڪاني کاتن جي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه احتجاجي ڪئمپ ۾ واعدو ڪيو هو ته واپارين جا مسئلا حل ڪيا ويندا پر خاطري باوجود هينئر تائين ڪو به نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو آهي.

واپارين جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت طرفان واعدو پورو نه ڪرڻ تي بيچيني پکڙيل آهي، تنهن ڪري صوبائي حڪومت نوٽيفڪيشن جاري ڪري يا نه ڪري، اسان جمعي تي هر حال ۾ مارڪيٽون کولينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.