افغان پناهه گيرن جا ڪٽڪ ڪراچي تائين پڄي ويا

 

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) ڪابل تي طالبان جي قبضي کانپوءِ افغانستان جون حالتون مٽجي ويون آهن ۽ سڄي دنيا جي نظر افغانستان جي صورتحال آهي.

طالبان پنهنجي حڪومت جو اعلان ڪري چڪا آهن ان جي تسلسل ۾ نگران حڪومت قائم ڪئي وئي آهي ۽ افغانستان جي شهرين کي پنهنجي حقن ۽ حفاظت جي حوالي سان خدشا آهن.

طالبان جي پهرين ڏينهن کان وٺي هن وقت تائين ڪيترائي پرڏيهي شهري افغانستان ڇڏي چڪا آهن ان سان گڏ افغان عوام به ملڪ ڇڏي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پناهه وٺڻ لاءِ تيار آهي.

افغان پناهگيرن کي پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ رهائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو هو پر اتان جي ماڻهن اهڙي فيصلي جي مذمت ڪندي وفاقي حڪومت کان اهڙو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.

ان حوالي سان ڪوئيٽا ۾ ڪارروائي ڪندي 700 کان مٿي افغان مهاجرن کي گرفتار ڪري واپس افغانستان موڪليو ويو آهي، گرفتار ڪري بلوچستان مان بيدخل ڪيل ماڻهن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل هئا.

ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ڪوئيٽا خليل مراد چيو ته افغان مهاجرن ڪوئٽا جي علائقي بليلي ۽ ڪچلاڪ ۾ جهوپڙيون اڏي ويٺل هئا.

هن جو چوڻ هو ته افغان پناهه گيرن وٽ قانون ڪاغذ ۽ دستاويز موجود نه هئا جنهن سبب انهن کي واپس ملڪ موڪليو ويو آهي.

ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ڪوئيٽا کانسواءِ لسبيلا صوبي جي ٻين علائقن ۽ ڪراچي مان به افغان پناهه گيرن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪراچي ۽ لسبيلا ويندڙ افغان پناهه گيرن کي پهريون ڪوئيٽا آندو ويو.جنهن کانپوءِ انهن کي چمن سرحد آڻي واپس افغانستان موڪليو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.