ڪوٽڙي: سبحان الله ڪالوني ۾ بجلي جي بندش خلاف رھواسين جو احتجاج

ڪوٽڙي جي سبحان الله ڪالوني واري علائقي جي رھواسين پاران گذريل اٺن  ڏينھن کان سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڪوٽڙي  پل تي احتجاجي مظاھرو ڪري ٽائرن کي باھيون ڏئي ڌرڻو ھنيو ويو، ان موقعي تي رھواسين امان الله ٻرڙو ـ حسين بخش نعمان ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته گذريل 8 ڏينھن کان علائقي ۾ بجلي جو ٽرانسفارمر سڙيل آھي جنھن سبب سڄو علائقو اونداھي ۾ ٻڏل آھي، ھنن چيو ته بار بار واپڊا عملي وٽ دانھڻ جي باوجود سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نٿو ڪيو وڃي، ھنن چيو ته سخت گرمي ۾ بجلي نه ھجڻ سبب سندن ٻچا گرمي ۾ بي حال ٿي ويا آھن ھنن  مطالبو ڪيو ته ٽرانسفارمر تبديل ڪيو وڃي،ھوڏانھن ڌرڻي سبب ڪوٽڙي پل بند ٿي وئي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.