اسان جو مقصد ڪراچي کي بهتر ڪرڻ ۽ عوام کي سهولتون ڏيڻ آهي: مرتضيٰ وهاب

ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وھاب چيو آهي ته ڏکڻ ضلعي جو پراڻو پارڪ باغ رستم گندگي جي ور چڙھي ويو ھيو، ان ڪري ڪيترن ئي سالن کان بند پيل ھيو ڪي ايم سي ڪوششون وٺي فيمليز لاء کولي ڇڏيو آهي جيڪو ڪراچي جي خوبصورتي ۾ ھڪ وڌيڪ اضافو آهي، باغ رستم جي افتتاح ڪرڻ وقت ميڊيا سان ڳالھائيندي ھن چيو ته ڪي ايم سي ڪراچي جي پارڪن کي بھتر  بڻائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي. ڪي ايم سي جي اولين ترجيح وڻ پوکڻ ۽ شھر کي خوبصورت بڻائڻ رھي آهي  ، ستن ضلعن جي ھر ھڪ پارڪ کي فوري طور تي بھتر ڪيو ويندو. باغ ابن قاسم 134 ايڪڙن تي ٻڌل آهي ان جي تعمير ۽ خوبصورتي لاء ٽينڊر ڪري ڇڏيو آهي، ايڊمنسٽيٽر مرتضي  وھاب چيو ته اسان جو مقصد ڪراچي کي بھتر ڪرڻ ۽ عوام کي پنهنجي پيرن تي بيھارڻ آهي ھن چيو ته ھفتي اندر مچلي روڊ کان ڪينپ تائين روڊ جي تعمير مڪمل ٿي ويندي اميد آهي ته ڪراچي جي رونقن ۾ اضافو ٿيندو.هن چيو ته اين سي او سي پي ٽي آء حڪومت جي آهي فيصلن تي عملدرآمد ڪرائڻ وفاق جو ڪم آهي. ايڊمنسٽيٽر ڪراچي چيو ته ابن قاسم باغ سفاري پارڪ سميت سڀني پارڪن جا عوام جي تفريح لاء دروازا کوليا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.