پير جوڳوٺ: بلال ڪالوني واسين پاران سيپڪو جي اهلڪارن خلاف مظاهرو،ڌرڻو

پيرجوڳوٺ شهر جي بلال ڪالوني جي رهواسين پاران سيپڪو پيرڳوٺ جي اهلڪارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري جنرل بس اسٽينڊ وٽ ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي شير محمد ڪنڀر، عبدالاحد، حاجي نور محمد، محب اللہ ڪنڀر، محرم منگي، عبدالغفار خاصخيلي، جاويد ڌوڪي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن سخت نعريبازي ڪندي چيو ته سيپڪو پيرڳوٺ جي اهلڪارن ظلمن جي انتها ڪري ڇڏي آهي، واپڊا عملدارن بنا جواز بجلي جون تارون لاهي سخت گرمي ۾ عذاب جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. جڏهن ته احتجاج ۽ دانهون ڪرڻ تي لائين مين علي لاکو هزارين روپيا غيرقانوني ڊڊيڪشن لڳائي سخت پريشان ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته ڄاڻايل عملدار اسان مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته سيپڪو پيرڳوٺ جي اختيارين جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ قومي شاهراه تي ڌرڻو هنيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.