اسلام ڪوٽ:ٿرڪول جي پاورپلانٽ ۽ مائيننگ ۾مقامي ماڻهو روزگار کان وانجهيل

ٿرڪول بلاڪ ون جي پاور پلانٽ ۽ مائيننگ سائيٽ تي ڪم ڪندڙ شهنگائي،سائينو سنڌ ۽ ٽي سي بي ڪمپنين پاران سمورا ٺيڪا من پسندن ۽ ٻاهرين ماڻهن جي حوالي ويا جنهن سبب وڏن ٺيڪن بعد معمولي ننڍا ننڍا ٺيڪا به ٻين صوبن جي ماڻهن حوالي ٿيل آهن،ٿر جي مقامي ماڻهن کي نوڪرين بعد روزگار ۾ به مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو آهي،جنهن ڪري مقامي ماڻهو روزگار لاءِ سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا، بلاڪ تي روزگار مقامي ماڻهن لاءِ خواب بڻجي ويو ،ايڏي وڏي منصوبي جي باوجود  مقامي ماڻهن کي ڪو به فائدو ڏيئي ناهي سگهيو،ڄاڻايل ڪمپنين ۾ هڪ به سنڌي آفيسر اهم پوسٽ تي لڳل ناهي،جنهن سبب رکيل من پسند آفيسر مقامي ماڻهن جي حقن جو خيال رکڻ بدران حقن جي لتاڙ ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.