خيرپور:عدالت مان واپسي تي ڳوٺ جانب واسڻ ناري کي کنڀڻ جي ڪوشش،تشدد

تعلقه ڪنگري جي ڳوٺ جانب سيال جي رهواسڻ مسمات رابعه ڌيءَ قربان علي زال نسيم سيال خيرپور جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج الطاف حسين دايو جي عدالت مان حاضري بعد جڏهن وڪيلن جي آفيسن وٽان گذري رهي هئي ته اوچتو تاڙ ۾ ويٺل وومين ٿاڻي جي پوليس پرائيويٽ ماڻهن سان گڏجي ڪيس جي فريادڻ مسمات رابعه زال نسيم سيال کي سرعام تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي ناري رابعه سيال مدد لاءِ رڙيون ڪيون ته وڪيل گڏ ٿي ويا جن کي ڏسي پوليس اهلڪار ناريءَ کي ڇڏي گاڏي ۾ سوار ٿي موٽي ويا. پوليس جي اهڙي وحشيانه روئيي خلاف وڪيلن طرفان ناري رابعه سيال سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ناريءَ رابعه سيال صحافين کي ٻڌايو ته جوابدار سليم سيال کيس زبردستي دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪندو آهي ۽ ان جي ساٿين انعم سيال ۽ فرمان سيال خلاف سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ داخل ٿيل ڪيس ۾ حاضري رکيل هئي جتان واپسي تي جوابدار سليم سيال جي چوڻ تي وومين ٿاڻي جي پوليس انچارج نغمه ميتلو سان گڏجي پرائيويٽ ماڻهو ساڻ ڪري کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سخت تشدد جو نشانو بڻايو آهي. هن چيو ته اهڪارن کائنس پرس ۽ موبائل فون ڦري ورتا آهن. اهڙي واقعي جي اطلاع تي سوين وڪيل گڏ ٿي ويا ۽ وومين پوليس جي انچارج نغمه ميتلو جي طرفان ڪيل غيرقانوني ڪاروائي واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته وومين ٿاڻي جي ملوث اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪري ناري رابعه سيال کي انصاف فراهم ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.