ڪراچي جي ڪنهن به مالڪي نه ڪئي، عمران خان سکڻا اعلان ڪيا: حافظ نعيم الرحمٰن

 

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ جماعت اسلامي طرفان پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ خلاف احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

واٽر بورڊ آفيس اڳيان ڌرڻي ۾ جماعت اسلامي ۾ سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي جڏهن ته جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمٰن خطاب ڪيو.

حافظ نعيم جو چوڻ هو ته اڄڪلهه شهر ۾ پاڻي جو شديد بحران آهي.

هن چيو ته سنڌ جو ڪو به اهڙو علائقو ناهي جتي صحيح مقدار ۾ پاڻي ڏنو وڃي،ڪراچي جي واٽر بورڊ ۽ سيوريج بورڊ تي سنڌ حڪومت قبضو ڪيو آهي، واٽر بورڊ جي آفيس ۾ ڪرپشن جي بازار ئي گرم آهي باقي ڪم نه پيو ٿئي.

پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته لائين مينن جو هڪ نيٽورڪ آهي جيڪو من پسند ماڻهن کي پاڻي فراهم ڪري ٿو، اهو کاتو رشوت وٺي ڪراچي واسين کي پاڻي ڏيندو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي کان وفاقي ۽ سنڌ حڪومت ٽيڪس ته وٺن ٿيون پر انجي بدلي ۾ ڪجهه به نٿو ڏنو وڃي، ڪراچي وارا گيس، بجلي ۽ پاڻي سميت سفري سهولتن کان محروم آهن.

هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪراچي کي ترجيح بدران نظر انداز ڪري رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان 11 سئو ارب رپين مان رڳو پنج ارب ڏيکاري تي ڪراچي ۾ ڪهڙي هنڌ خرچ ڪيا ويا آهن؟

وزيراعظم عمران خان رڳو پنهنجي ذاتي مفادن جي لاءِ ئي ڪم ڪري رهيو آهي هن کي عوام سان ڪا به دلچسپي ناهي،

ڌرڻي کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمٰن چيو ته مصطفيٰ ڪمال جي چئن سالن جي ميئرشپ واري دور ۾ 4 منصوبا مڪمل نه ڪيا ويا، پيپلزپارٽي جي حڪومتي دور ۾ ايم ڪيو ايم انهن سان گڏ هئي. ايم ڪيو ايم وارا ڪڏهن به حڪومت سان پاڻي جي مسئلي تي نه رٺا نه ڪاوڙيا.

حافظ نعيم الرحمٰن جو چوڻ هو ته ن ليگ هجي، پيپلزپارٽي هجي يا ايم ڪيو ايم هجي ڪنهن به ڪراچي جي مالڪي نه ڪئي آهي. رڳو چئن منصوبن ۾ قوم جا 15 ارب رپيا غلط ڊزائن جي ڪري زيان ڪيا ويا.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته عمران خان جي جڏهن دل چوندي آهي ته ٽن ڪلاڪن لاءِ ڪراچي هليو ايندو آهي، جڏهن به ڪراچي ايندو آهي ته ڪراچي لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪندو آهي پر چئن منصوبن جو ڪجهه به ناهي ٿيندو.

وفاقي ۽ صوبائي بجيٽ ۾ ڪراچي جي پاڻي جي مسئلي جي حل لاءِ هڪ رپيو به ناهي رکيو ويو، رڳو ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان جوڙيو ويو سڀ هونهار ٻار بڻجي ويا ۽ سمورا هونهار ٻار هڪ ئي ٽاري جي پاڇي هيٺان ويهي رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته آر او ٽيڪنالاجي ذريعي جيڪڏهن منصوبو آندو وڃي ها ته ڊي ايڇ اي جي رهائشين جي پاڻي وارو مسئلو حل ٿي وڃي ها.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.