عدالت ۽ نيب کان خوف، مرتضيٰ وهاب خوشخبري به ٻڌائي ڇڏي

 

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته حڪومت ميداني حقيقن کي نظر ۾ رکي فيصلا  ڪندي آهي.

مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته ايندڙ سال جي مارچ ۾ نيون بسون روڊن تي اچي وينديون، اسان بسون ان جي لاءِ پاڻ خريد نٿا ڪيون ته پوءِ عدالتون ۽ نيب پٺيان پئجي وڃن ٿا.

هن چيو ته واپاري ڪڏهن ايم ڪيو ايم سان گڏجي ڪڏهن پي ٽي آءِ سان گڏجي اسان کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيا آهن، اسان زميني حقيقتون ڏسي پوءِ فيصلا ڪندا آهيون.

سند چوڻ هو ته اسان انگ اکر ڏسي رهيا آهيون جيڪڏهن انگ سٺا رهيا ته فيصلا به سٺا ڪنداسين.

سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته هوا ۽ سج مان بجلي ٺاهڻ واري سنڌ حڪومت جي منصوبن کي رد ڪيو ويو. گڏيل مفادن جي ڪونسل اجلاس ۾ مهانگي بجلي جا منصوبا منظور ڪيا ويا.

اجلاس ۾ نيپرا جي چيئرمين به وزيراعظم عمران خان چيو ته بجلي جي سڀ کان مهانگن منصوبن کي منظور ڪيو پيو وڃي، اها خبر ناهي ته اهڙن اعتراضن کانپوءِ نيپرا جو چيئرمين پنهنجي عهدي تائين ڪيستائين رهي سگهي ٿو.

ڪراچي جي ايڊمنسٽر جو چوڻ هو ته جڏهن به ڪو ڀلو ڪم ٿيندو آهي ته سنڌ جو گورنر چوندو آهي اهو ڪم اسان ڪيو، ٽن نالن جي صفائي ڪي ايم سي جي مدد کانسواءِ ڪڏهن به ممڪن نه هئي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان هڪ دم انقلاب نٿا آڻي سگهون، سڀني ادارن کي سڀئي وسيلا استعمال ڪرڻا پوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.