سنڌ ۾ پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي لازمي پڙهائڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ تعليم جو وڏو ڪردار هوندو آهي پر پاڪستان تعليم جي حوالي سان دنيا ۾ گهڻو پُٺ تي پيل آهي.

ملڪ، خاص طور سنڌ جي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ ته تعليم جو معيار انتهائي پٺ تي پيل آهي، جنهن سبب والدين پنهنجي شاگردن کي پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائڻ کي ترجيح ڏين ٿا، جڏهن ته غريب والدين مهانگين فيسن سبب پنهنجي شاگردن کي پرائيويٽ اسڪولن ۾ تعليم ڏيارڻ کان لاچار آهن.

پر اڄ خواندگي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڊائريڪٽوريٽ آف پرائيويٽ اسڪولز هاڪاري قدم کڻندي اسڪولن جي انتظاميا کي شاگردن کي رعايت ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.

ڊي جي اسڪولز منسوب صديقي پرائيويٽ اسڪولز انتظاميا لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن.

هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته ضرورتمند شاگردن کي اسڪول فيس ۾ رعايت ڏني وڃي، اسڪول ۾ ڪُل انگ جي 100 سيڪڙو شاگردن کي فيس ۾ رعايت ڏيڻ لازمي قرار ڏني وئي آهي.

نجي اسڪولن کي هدايتن تي عمل ڪرڻ کانپوءِ تفصيل ڊائريڪٽوريٽ ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

ڊي اسڪولز اهو به چيو آه يته سڀني اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي لازمي طور پڙهائي وڃي، جڏهن ته پوزيشن کڻندڙ شاگردن کي فل اسڪالر شپ ڏني وڃي.

منسوب صديقي جو چوڻ هو ته هدايتن تي عمل نه ڪندڙ اسڪولن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.