مزدورن جي پگهار جو معاملو: ٻين صوبن جا مزدور سنڌ اچڻ ۽ صنعتون ٻاهر منتقل ٿيڻ جو خدشو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ مزدورن جي گهٽ کان گهٽ پگهار مقرر ڪرڻ جي معاملي تي ويج بورڊ چيئرمين جي عارضي مقرري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻن هفتن ۾ لاڳاپيل شعبي ۾ ماهر جي مستقل مقرري جي حڪم ڏئي ڇڏيو.

فيڊريشن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز، ڪراچي چيمبر، ايمپلائز فيڊريشن پاڪستان ۽ ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي دوران درخواستگذارن ۽ اين ايل ايف سميت مزدور تنظيمن جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿي ويا.

درخواستگذار جو موقف هو ته سنڌ حڪومت سڄي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ 25 هزار رپيا پگهار مقرر ڪئي آهي، ان صورتحال سان پيداواري لاڳت ۾ واڌ ٿيندي، معيشت کي نقصان پهچندو.

بئريسٽر عابد زبيري موقف اختيار ڪندي چيو ته ويج بورڊ جي راءِ حتمي هوندي آهي، حڪومت ان موجب نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي پابند آهي، حڪومت 25 هزار رپيا پگهار مقرر ڪرڻ لاءِ قانوني تقاضا پورا نه ڪيا.

هن چيو ته سنڌ ۽ ٻين صوبن جي گهٽ کان گهٽ پگهار ۾ فرق هوندو ته ڪيترائي مسئلا جنم وٺندا، ٻين صوبن جا مزدور سنڌ ايندا، جڏهن ته صنعتڪار ٻين صوبن جو رُخ ڪندا

وڪيل چيو ته خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان جي پگهارن سان ڪو فرق ناهي پوندو، پنجاب ۽ سنڌ جي ايڪسپورٽرز وچ ۾ مقابلو آهي، سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ صنعتي يونٽ آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏئي ٿو، جيڪڏهن سنڌ ۾ گهٽ کان گهٽ پگهار ۾ غير منصفاڻي واڌ ٿيندي ته صنعت متاثر ٿيندي.

عدالت عبوري انتظام طور گهٽ کان گهٽ پگهار مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، گڏوگڏ ويج بورڊ چيئرمين جي عارضي مقرري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ٻن هفتن ۾ لاڳاپيل شعبي ۾ ماهر جي مستقل مقرري ڪئي وڃي.

جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته نعرا اٽي، لٽي ۽ اجهي جا هنيا ويندا آهن پر عملي طور ڪجهه ناهي، مزدورن جي پگهار مقرر ڪندڙ اداري جو چيئرمين به قانون موجب ناهي.

عدالت درخواست گذارن جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ تي ٻڌڻي 13 سيپٽمبر تائين ملتوي، ايندڙ ٻڌڻي تي اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل علي صفدر ڏيپر سنڌ حڪومت جو موقف پيش ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.