کاڌو کائڻ کانپوءِ صحت لاءِ ضروري ڳالهيون

 

کاڌو هر انسان جي لاءِ انتهائي اهم هوندو آهي، کاڌو اسانکي طاقت ڏيندو آهي ۽ جسم کي غذا فراهم ڪندو آهي.

اڪثر ماڻهون کاڌي کائڻ کانپوءِ جلدي ۾ اهي ڪم ڪندا آهن جيڪي انسان کي خاموشي سان نقصان پهچائيندا آهن.

کاڌو کائڻ کانپوءَ وهنجڻ:

کاڌو کائڻ کانپوءِ وهنجڻ نه گهرجي، بلڪل اها ڳالهه صحيح آهي ته انسان کي کاڌو کائڻ کانپوءِ وهنجڻ نه گهرجي ڇو ته کاڌو کائڻ کانپوءِ رت جي گردش معدي ڏانهن ٿي ويندي آهي جيئن هضم ٿيندڙ خوراڪ رت ۾ شامل ٿي سگهي ۽ توهان جي جسم کي طاقت ملي، پر جيڪڏهن توهان کاڌو کائڻ کانپوءِ جلدي ۾ وهنجندئو ته رت جي گردش جسم ۾ ورهائجي ويندي ۽ هضم ٿيندڙ خوراڪ رت ۾ شامل نه ٿي سگهندي.

سگريٽ پيئڻ :

اسان اڪثر ڏسندا آهيون ته ڪيترائي ماڻهون کاڌو کائڻ کانپوءِ فوري طور تي سگريٽ پيئندا آهن پر ائين نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته کاڌو کائڻ کانپوءِ سگريٽ پيئڻ سان توهان جا ڦڦڙ تمام گهڻا متاثر ٿي سگهن ٿا ۽ هڪ سگريٽ 10 سگريٽن جي برابر اثر ڪري سگهي ٿو.

هڪ تحقيق موجب کاڌي کانپوءِ سگريٽ پيئڻ سان وڌيڪ نقصان ٿي سگهي ٿو ڇو ته ان وقت توهان جو جسم نڪوٽين آڪسيجن سان گڏجي جذب ٿي ويندو آهي ۽ اهڙي ريت سگريٽ جو واهپو کاڌي کانپوءَ جلدي اوهان جي جسم تي اثر انداز ٿي سگهي ٿي.

ميون جو استعال:

کاڌو کائڻ کانپوءِ جلد ۾ ميوا نه کائڻ گهرجن ڇو ته جڏهن اسان کاڌي کانپوءِ فوري طور تي ميوا کائيندا آهيون ته معدو صحيح نموني سان ڪم نه ڪندو آهي ۽ ميوو هضم نه ٿيندو آهي، جنهن سان صحت جا ڪيترائي مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن ميوا کائڻ ضروري آهي ته توهان کاڌي کان پهريان يا کاڌي جي اڌ ڪلاڪ کانپوءِ کائي سگهو ٿا ان  عمل سان کاڌو ۽ ميوا ٻئي هضم ٿي سگهن ٿا.

چانهن پيئڻ :

کاڌي ۾ ٽينڪ ايسڊ هوندو آهي جيڪو اسان جي جسم ۾ پروٽين ۽ آئرن کي جسم ۾ جذب نه ڪرڻ ڏيندو آهي جنهن سان کاڌو اسان جي جسم ۾ طاقت نه پهچائيندو ۽ جسم کي طاقت نه ملندي آهي.

چانهه به ميوي وانگر يا کاڌي کائڻ  کان هڪ ڪلاڪ  پهريان يا کاڌي کان اڌ ڪلاڪ پوءِ پيئڻ گهرجي ته صحت لاءِ بهتر ٿيندو.

ماني کانپوءِ فوري طور تي سمهڻ:

جيڪڏهن توهان کي کاڌو کائڻ کانپوءِ فوري طور تي سمهڻ جي عادت آهي ته توهان اهو غلط ڪيو ٿا ڇو ته معدي ۾ کاڌو هضم ڪرڻ وارو عنصر موجود هوندو آهي اهو کاڌو هضم ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي جڏهن اسان سمهندا آهيون ته ان جو رخ معدي ڏانهن نه رهندو آهي جنهن جي ڪري کاڌو هضم نه ٿيندو آهي ۽ ان سان ماڻهو ٿولهه جو شڪار ٿي ويندو آهي.

ورزش ڪرڻ

کاڌو کائڻ کانپوءِ رت جي گردش معدي ڏانهن هوندي آهي ۽ ورزش ڪرڻ سان رت جي گردش جسم جي ٻئي حصن ۾ هلي ويندي ۽ کاڌو هضم نه ٿيندو ان عمل سان هاضمي جو نظام متاثر ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.