ڪورونا جو علاج ڪندڙ ويڪسين تيار

ڪورونا وبا سڄي دنيا ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي هن وقت تائين وبا جون بدلجندڙ صورتن سبب لکين انساني جانيون ضايع ٿيون آهن

ان سان گڏ صحت جا ماهر وبا جي ضابطي آڻڻ لاءِ لڳاتار ڪوششون ڪري رهيا آهن وبا کي روڪڻ توڙي ان جي خاتمي لاءِ مختلف قانون متعارف ڪرايا ويا آهن جن تي عمل ڪندي ان وبا کان ڪيتري حد تائين بچي سگهجي ٿو.

ان حوالي سان چين جي هڪ ڪمپنيءَ اهڙي ڪووڊ ويڪسين تيار ڪئي آهي، جيڪا بيماري جو شڪار ٿيڻ کان بچائڻ سان گڏوگڏ علاج لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿي.

چيني ڪمپني يشينگ بائيو  اها ويڪسين تيار ڪئي آهي ۽ يو اي اي مين ڪووڊ جي علاج لاءِ انسانن تي ان جي آزمائش گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ڪئي وئي.

شروعاتي ٽرائلز ۾ معمول موجب ڪورونا وبا ۾ متاثر مريضن جي علاج جي حوالي سان ان جي فائدن جي جاچ ڪئي ويندي.

ان کان پهريان يو اي اي جي صحت واري وزارت آگسٽ ۾ بيماري کان بچائڻ لاءِ ويڪسين جي انساني ٽرائل جي پهرين مرحلي جي منظوري به ڏني هئي، جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ميڊيڪل ريگيوليٽري اٿارٽي به اهڙين ٽرائلز جي منظوري ڏني هئي.

انساني ٽرائلز ۾ چيني ڪمپني سان گڏوگڏ يو اي اي فارماسيوٽيڪل ڊولپمينٽ ڪمپني ۽ نيوزيلينڊ ڪلينڪل ريسرچ به شرڪت ڪئي.

ڪپني جي سي اِي او ڊيوڊ شاهو ٻڌايو آهي ته نيوزيلينڊ ۾ ٽرائلز جي لاءِ رضاڪارن جي خدمت حاصل ڪرڻ جو عمل جلد شروع ڪرڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ٻيا ملڪ به ڪلينيڪل ٽرائلز جي درخواستن تي ڪم ڪري رهيا آهن.

هن ٻڌايو ته پِري ڪلينيڪل تحقيقي رپورٽس ۾ ويڪسين وڏي انگ ۾ وائرس کي ناڪارا بڻائي اينٽي باڊيز ٺاهڻ ۽ مدافعتي قوت تيز رفتاري سان پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.