واٽس ايپ ۾ هڪ زبردست فيچر جي واڌ

 

واٽس ايپ دنيا جي سڀ کان مشهور ترين ميسيجنگ ايپ آهي، ڪمپني واهپيدارن جي ضرورتن ۽ خواهشن کي ڏسندي مختلف وقتن ۾ ايپ کي اپڊيٽ ڪندي رهي آهي.

هن وقت تائين واٽس ايپ جي پرائيويسي ۽ مختلف فارميٽ ۾ مواد موڪلڻ جي حوالي سان ڪيتريون ئي اپڊيٽز اچي چڪيون آهن جنهن جي ڪري واهپيدارن جي جي ضرورتن ۾ وڌيڪ سولائي ٿي وئي آهي.

ان حوالي سان واٽس ايپ طرفان هڪ وڌيڪ فيچر تي  ڪم ڪيو پيو وڃي جنهن جي مدد سان واهپيدار پنهنجي پرائيويسي کي پنهنجي مرضي موجب استعمال ڪري سگهن ٿا.

رپورٽن موجب واٽس ايپ تمام جلد اهڙو فيچر متعارف ڪرائي رهي آهي جنهن جي مدد سان واهپيدار پنهنجي لاسٽ سين کي ڪنٽرول ڪري سگهندا.

واٽس ايپ جي تازين اپڊيٽز مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو ڪيترائي سال اڳ متعارف ڪرايل فيچر تي ٻيهر ڪم ٿي رهيو آهي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته واٽس ايپ اينڊرائيڊ ۽ اور آءِ او ايس ٻئي آپريٽنگ سسٽم استعمال ڪندڙ واهپيدارن جيحفاظت لاءِ پنهنجي سيٽنگز کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.

ان فيچر کي متعارف ڪرائڻ کان اڳ ان ڳالهه جي وضاحت ضروري آهي ته پرائيويسي سيٽنگز هونديون ڇا آهن ۽ انهن کي استعمال ڪرڻ وقت ڪهڙا مسئلا سامهون ايندا آهن؟

اهي سيٽنگز توهان کي اهو طئي ڪرڻ جي اجازت ڏينديون آهن ته توهان سان رابطو ڪندڙ ماڻهن مان هن ڊيٽا کي ڪير ڪير ڏسي سگهي ٿو.

ان پرائيويسي سيٽنگز کي استعمال ڪرڻ جي لاءِ واٽس ايپ ٽي آپشن ”ايوري ون، مائي ڪانٽيڪٽ، نو باڊي“ لاڳو ڪيا.

واٽس ايپ هاڻي حتمي طور ان سيٽنگز ۾ هڪ وڌيڪ آپشن جي واڌ ڪرڻ واري آهي، جنهن جي مدد سان توهان پنهنجي لاسٽ سين کي فعال ڪندي مخصوص ماڻهن لاءِ غير فعال ڪري سگهو ٿو.

واضح رهي ته جيڪڏهن توهان ڪنهن مخصوص ماڻهو جي لاءِ لاسٽ سين کي موجود ناهي رکيو يا ان آپشن کي آف ڪيو آهي ته توهان به ان جو لاسٽ سين نه ڏسي سگهندا.

ان فيچر جي مدد سان توهان پنهنجي مرضي سان انهن ماڻهن جي چونڊ ڪري سگهو ٿا جن کي توهان لاسٽ سين ڏيکارڻ چاهيو يا نه چاهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.