بحريا ٽائون ڀڃ ڊاهه ڪيس: قادر مگسي ۽ جلال شاهه جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي سينٽرل جيل ۾ قائم دهشتگردي ٽوڙ عدالت بحريا ٽائون ڪيس جي ٻڌڻي 20 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسم چيئرمين رياض چانڊيو، اسلم خيرپور، قانوندان سجاد چانڊيو، ليکڪ گل حسن ڪلمتي، مراد گبول ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.

پوليس سيد زين شاهه کي به جيل مان عدالت ۾ پيش ڪيو، جڏهن ته سيد جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي پيش نه ٿيا.

ان موقعي تي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ جلال محمود شاهه جي طبيعت ٺيڪ ناهي، تنهن ڪري پيش نه ٿي سگهيا آهن، عدالت حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري.

عدالت حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي سمورن جوابدارن کي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 20 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.