آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جي ٻن خالي سيٽن جو چونڊ شيڊيول جاري

 

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ)  اليڪشن ڪميشن آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جي ٻن خالي سيٽن جو چونڊ شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.

اليڪشن ڪميشن موجب تڪ ايل اي 3 ميرپور ۽ تڪ ايل اي 7 ڪوٽلي 5 تي پولنگ 10 آڪٽوبر تي ٿيندي، جڏهن ته ٻنهي تڪن تي اليڪشن جي لاءِ ڪاغذن جي نامزدگي 13 سيپٽمبر  تائين جمع ڪرائي سگهجي ٿي .

اليڪشن ڪميشن موجب 23 سيپٽمبر تي اميدوارن جي حتمي فهرست جاري ڪئي ويندي.

واضح رهي ته تڪ ايل اي 3 ميرپور جي سيٽ سلطان محمود جي صدر آزاد ڪشمير چونڊجڻ تي خالي ٿي هئي، جڏهن ته تڪ ايل اي 7 ڪوٽلي 5 جي سيٽ چوڌري ياسين جي هڪ سيٽ ڇڏڻ تي خالي ٿي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.