غيرت جي نالي تي نوجوان جو نَڪ ۽ ڪَن وڍيو ويو

 

مظفر ڳڙهه ( ويب ڊيسڪ) مظفر ڳڙهه ۾ غيرت جي نالي تي نوجوان جو نَڪ ۽ ڪَن وڍيو ويو.

اهو واقعو مظفر ڳڙهه جي تعلقي علي پور جي علائقي موضع ڍاڪا ۾ پيش آيو، جتي غيرت جي نالي تي اسلم نالي نوجوان جو ڪن ۽ نڪ وڍيو ويو .

زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ملتان جي نشتر اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کيس طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

متاثر نوجوان پوليس کي ٻڌايو ته ان کان پهريان 6 سيپٽمبر تي جرڳي دوران هو پنهنجي صفائي ڏئي چڪو آهي.

پوليس جوابدار يونس، يوسف، باقر ۽ هاشم سميت 6 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.