مهراڻ ٽائون فيڪٽري سانحو: مالڪن سميت لاڳاپيل ادارا به ذميوار قرار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي جي مهراڻ ٽائون ۾ فيڪٽري کي باهه جي معاملي تي فيڪٽري مالڪن سميت لاڳاپيل ادارا به ذميوار قرار ڏنا ويا آھن.

ڪراچي جي سيشن عدالت ڪيس ۾ جوابدارن جي ضمانت جي درخواست جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

عدالت چيو آهي ته ڪيس ۾ لاڳاپيل کاتن کي شامل نه ڪرڻ متاثرن سان ناانصافي هوندي، رهائشي پلاٽ تي غير قانوني فيڪٽري قائم ڪئي وئي، خوفناڪ حادثي ليبر کاتي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ڪي ايم سي ۽ ٻين ادارن جي ڪارڪردگي وائکي ڪري ڇڏي آهي.

فيصلي موجب فيڪٽري ۾ انساني جانيون بچائڻ لاءِ ايمرجنسي سهولت نه هئي، فيڪٽري جو مک گيٽ بند هجڻ سبب 17 انساني جانيون ضايع ٿي ويون.

عدالت چيو ته فائر برگيڊ عملو دير سان پهتو، جڏهن ته فيصلي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ عملي جي کوٽ به سانحي جو سبب قرار ڏنو ويو.

واضح رهي ته گذريل مهيني مهراڻ ٽائون جي ڪيميڪل فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب 17 مزدور سڙي فوت ٿي ويا هئا.

ان حوالي سان فائر برگيڊ اختيارين جو چوڻ هو ته فيڪٽري ۾ مختلف شيون ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميڪل موجود هو، باهه ڪيميڪل جي ڊرم ۾ لڳي ۽ سڄي فيڪٽري کي وڪوڙي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.