ڪراچي واسين کان بجلي بلن ذريعي نئون ٽيڪس وٺڻ جي تياري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪي اليڪٽرڪ بلن ذريعي ڪراچي ميٽروپوليٽين ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) جو فائر ۽ ڪنزروينسي ٽيڪس وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪي اليڪٽرڪ ۽ ڪي ايم سي جي اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي بل ذريعي ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سيز جي ٽيڪس وصولي جي تجويز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪي ايم سي مختلف قسم جا 13 ٽيڪس وصول ڪندي آهي، ڪي ايم سي هن وقت فائر ٽيڪس ۽ ڪنزوينسي ٽيڪس تحت ساليانو 21 ڪروڙ رپيا وصول ڪري ٿي.

تجويز ۾ ٻڌايو ويو ته ڪي اليڪٽرڪ ڪي ايم سي جا اهي ٻه ٽيڪس 25 لک واهپيدارن کان وصول ڪندي، جيڪڏهن وصولي جو اهو معاهدو طئي ٿي وڃي ٿو ته ڪي ايم سي کي ساليانو 9 ارب رپيا ملندا.

تجويز موجب ائين ڪي ايم سي مالي طور مضبوط ٿي ويندي ۽ بهتر طريقي سان ترقياتي ڪم ڪري سگهندي، جيڪڏهن ڪي اليڪٽرڪ ۽ ڪي ايم سي ۾ وصولي جو معاهدو ٿي وڃي ٿو ته ڪي اليڪٽرڪ بل سان گڏ ڪي ايم سي جا ٽيڪس به سولائي سان ادا ٿي ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.