بيماري ۾ دوا کان وڌيڪ فائدو ڏيندڙ ڪم ڪهڙو آهي؟

انسان آهي ته بيمار به ٿيندو، اڃا به ائين چئجي ته جياپو آهي ته بيمار ٿيڻ ڪو وڏو مسئلو ناهي.

پر اهو به آهي ته هر ماڻهو بيمار ناهي ٿيندو جنهن جو مدافعتي نظام گهٽ هوندو آهي يا جيڪو ماڻهو پنهنجي کاڌي پيتي جو خيال ناهي ڪندو اهو ئي اڪثر ڪري بيمار ٿيندو آهي.

اها ڳالهه ته واضح ته جيڪو به ماڻهو بيمار ٿيندو آهي ان جو علاج ٿيڻ ضروري آهي ۽ انکي دوا کائڻ جي ضرورت پوندي آهي.

دوا کائڻ کان بنا ڪير به پنهنجي مرض مان جان نٿو ڇڏائي سگهي جيڪڏهن ڪنهن بيماري ۾ مبتلا ماڻهو کي صحتياب ٿيڻو آهي ته انکي دوا ضرور کائڻي پوندي.

دوا کائڻ يا علاج ڪرائڻ ته ضرور ئي گهرجي پر تنهن هوندي به ماهرن دوا کائڻ کان وڌيڪ بهتر ۽ دوا کائڻ کان اڳ ٿورو وقت آرام ڪرڻ مشورو ڏنو آهي.

اهڙا ماڻهو جيڪي ڪمزور هوندا آهن ۽ ڪنهن به سبب جي ڪري يا موسمي تبديلي جي ڪري بيمار ٿي پوندا آهن ۽ پوءِ انهن کي ڊاڪٽر جي نسخي موجب دوائون کائڻيون پونديون آهن.

ماهرن ان حوالي سان چيو آهي ته بيماري محسوس ڪرڻ دوران توهان دوا کائڻ بدران ڪجهه دير جي لاءِ آرام ڪندا ڪيو.

ان حوالي سان هڪ تحقيق ڪئي وئي آهي جنهن جو تجربو 10،10 ماڻهن تي ٻن گروپن تي ڪيو ويو.

هڪ گروپ جي ماڻهن کي اڌ رات تائين جاڳڻ جو چيو ويو جڏهن ته ٻئي گروپ جي ماڻهن معمول موجب پنهنجي ننڊ پوري ڪئي.

ماهرن ڏٺو ته اهي ماڻهو جن پنهنجي ننڊ پوري ڪئي انهن جي ٽي سيلز بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ انهن ۾ بيماري سان منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۾ واڌ ٿي.

جڏهن ته اهي ماڻهو جن جي ننڊ پوري نٿي انهن جا ٽي سيلز ايترا طاقتور نه هئا جو بيماري جي جراثيم جو مقابلو ڪري سگهن ۽ نتيجي ۾ بيماري ۾ شدت پيدا ٿيڻ جو امڪان وڌي ويو.

ماهرن ان تحقيق مان نتيجو ڪڍيو آهي ته جيڪو به ماڻهو ڪنهن به بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ محسوس ڪري ته اهو دوا کان اڳ ۾ ٿورو وقت آرام ڪري، ائين ڪرڻ سان ان ماڻهو جا ٽي سيلز بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا جيڪي بيماري سان منهن ڏيڻ لاءِ صلاحيت ۾ واڌ ڪندا ۽ ڪو به ماڻهو آرام ڪرڻ کانپوءِ بيماري سان منهن ڏئي سگهي ٿو.

انساني جسم متحرڪ رهڻ وقت مدافعتي نظام گهڻو ڪم ڪندو رهندو آهي، مطلب ته ڪو به ماڻهو لڳاتار ڪو ڪم ڪندو ته انجو مدافعتي نظام به لڳاتار ڪم ڪرڻ سبب طاقت گهٽائيندي ويندو ۽ بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ وقت ان سان منهن ڏيڻ لاءِ ان ۾ صلاحيت گهٽ هوندي ۽ جيڪڏهن توهان آرام ۾ هوندا ته توهان جو مدافعتي نظام بهتر ڪم ڪندو جنهن سان اهو بيماري کي چڱي ريت منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکندو آهي.

آرام ڪرڻ واحد ذريعو آهي جنهن سان بيماري مان جند ڇڏائي سگهجي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.