ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ عورتن خلاف ڏوهه وڌي ويا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته رڳو 10 ڏينهن دوران عورتن خلاف ڏوهن جا 22 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قائم مقام چيف سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز، آءِ جي سنڌ پوليس مشتاق مهر، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي عمران منهاس، ڊي آءِ جيز ثاقب، ميمڻ، رياض اڪبر، پير محمد شاهه، نعمان صديقي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ 21 آگسٽ کان 31 آگسٽ تائين ڏوهن جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.

وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اقليتن خلاف 5 ڪيس ٿيا، ڪراچي اوڀر ۾ 4 ۽ هڪ سکر ۾ ٿيو، جڏهن ته عورتن خلاف ڪرائم جا 22 ڪيس ٿيا، ڪراچي اوڀر ۾ 5، سکر ۾ 5، حيدرآباد ۾ 4، ڪراچي اولهه ۾ 3، ڏکڻ ۾ 2، لاڙڪاڻي ۾ 2 ۽ شهيد بينظير آباد ۾ هڪ ڪيس سامهون آيو.

بريفنگ ۾ چيو ويو ته  ننڍن ٻارن خلاف 9 ڪيس ٿيا، ڀتي خوري جا 4 ڪيس ۽ منشيات جا 798 ڪيس رپورٽ ٿيا.

اختيارين ٻڌايو ته هن سال مارچ کان آگسٽ تائين سي سي ٽي وي جي مدد سان 79 ڪيس پڪڙيا ويا، 97 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 79 ڪيس حل ڪيا ويا، انهن مان 11 ڪيس اهم آهن.

اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ ان عرصي دوران ڪار کسڻ جا 9 ڪيس ۽ چوري جا 52 ڪيس ٿيا، موٽر سائيڪل کسڻ جا 127 ۽ چوري جا 848 ڪيس ٿيا، جڏهن ته موبائل کسڻ جا 174 ڪيس سامهون آيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.