پاڪستان، ايران، چين ۽ روس طالبان سان معاهدن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن: بائيڊن

 

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جو بائيدن چيو آهي ته پاڪستان، ايران، چين ۽ روس ڪجهه معاملن تي افغان طالبان سان ڳالهين ۽ معاهدن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر جو بائيڊن جو چوڻ هو ته چين، پاڪستان، ايران ۽ روس افغانستان ۾ طالبان جي اڳڀرائي جي معاملي تي اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته هاڻي انهن کي ڇا ڪرڻ گهرجي.

جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڇا کين نٿو لڳي ته چين طالبان جي فنڊنگ ڪندو، توڙي جو اهو گروپ آمريڪي پاندين جو شڪار آهي، ته جواب ڏيندي هن چيو چين کي طالبان سان حقيقي مسئلو آهي، تنهنڪري اهي طالبان سان گڏجي معاملن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، مون کي يقين آهي ته ائين ئي پاڪستان، روس ۽ ايران به ڪندو، اهي سڀ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته هاڻي ڇا ڪن.

ان کان اڳ پرڏيهي کاتي جي ترجمان طالبان جي عبوري حڪومت جي اعلان تي افسوس جو اظهار ڪيو هو ۽ چيو هو ته طالبان کي انهن جي ڳالهين سان نه پر انهن جي قدمن سان پرکيو ويندو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ۾ افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو هو ته  افغانستان جي ترقي جو مستقبل چين جي هٿن ۾ آهي، چين  افغانستان ۾ سيپڙڪاري جي حامي ڀري آهي.

پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي ذبيح الله مجاهد جو چوڻ هو ته چين افغانستان جو پاڙيسري ۽ سڀ کان اهم ڀائيوار آهي، نئون افغانستان پنهنجي معيشت جي بحالي ۽ تعمير لاءِ چين کان مدد وٺندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.