صبا قمر ۽ بلال سعيد جي گرفتاري جا وارنٽ جاري

لاهور(ويب ڊيسڪ) اداڪارا صبا قمر ۽ گلوڪار بلال سعيد جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا.

لاهور جي جوڊيشل ميجسٽريٽ اداڪارا صبا قمر ۽ گلوڪار بلال سعيد جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

جوڊيشنل ميجسٽريٽ ٻنهي فنڪارن لڳاتار غيرحاضري تي اهڙا وارنٽ جاري ڪيا، اداڪارا صبا قمر ۽ گلوڪار بلال سعيد مسجد تي وڊيو شوٽ ڪرڻ جي الزام وارو ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ۾ اداڪارا صبا قمر ۽ اداڪار بلال سعيد جي البم جي هڪ گيت جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي جنهن ۾ ٻئي فنڪار لاهور جي مسجد وزير خان ۾ موجود هئا.

وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندي ئي ٻنهي فنڪارن کي سخت تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو ۽ ٿاڻي اڪبري گيٽ ۾ ٻنهي جي خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.