مٺياڻي ، خيرپور ، عادلپور ، کھڙا ۽ نوابشاھ جون خبرون

مٺياڻي ڀرسان 2 موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر،هڪ عورت سميت 4 ڄڻا زخمي

خيرپور:عالمي خواندگي واري ڏهاڙي جي مناسبت سان جاڳرتا ريلي

عادلپور: ڳوٺ چنگلاڻي ۾ پلاٽ جي معاملي تان جهيڙو،3 ڄڻا زخمي،احتجاج

کهڙا: پرائمري اسڪول ون جي شاگردن ۾ درسي ڪتاب ورهايا ويا

نواب شاھ ۾پوليس ڪارروائي،7 مڻ 12 ڪلو چرس هٿ،هڪ ڄڻو گرفتار

1

مٺياڻي ڀرسان ڦاٽڪ اسٽاپ وٽ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ عورت سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، نوشھروفيروز روڊ تي ريلوي ڦاٽڪ اسٽاپ وٽ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمھون سامھون ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ھڪ عورت سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا ، زخمين ۾ ڪپتان مشوري  ۔ ديدار سولنگي ۔ سليم سولنگي ۽ ھمڻ سولنگي شامل آهن ، زخمين کي فوري طور مٺياڻي اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽر نه  ھئڻ سبب کين نوشھروفيروز اسپتال منتقل ڪيو ويو ۔

2

عالمي خواندگي واري ڏهاڙي جي مناسبت سان ڊسٽرڪٽ آفيسر لٽريسي اياز حسين مهيسر جي اڳواڻي ۾ تعليمي جاڳرتا بابت ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ استادن، سماجي ڪارڪنن، عام شهرين ۽ شاگردن شرڪت ڪئي،ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي اياز حسين مهيسر چيو ته تعليمي جاڳرتا بابت ريلي ڪڍڻ جو مقصد عوام کي آگاهي فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن هو پنهنجي ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائن، هن چيو ته بهتر تعليم کان سواءِ ترقي ممڪن ناهي انڪري اسان سڀني کي متحد ٿي قوم جي ٻارن جي تعليم بابت سوچڻو پوندو ته جيئن اسان جا ٻار تعليم جي ميدان ۾ اڳتي اچي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪن.

3

عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ چنگلاڻي ۾ پلاٽ جي معاملي تان مينگهواڙ ۽ لانگاھ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ ڪري مينگهواڙ برادري جا 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مينگهواڙ برادري جي ماڻهن سول اسپتال ٻاهران مڪيش ڪمار , مکي واپاري لال , وڪي , راجا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته لانگاھ برادري جي ماڻهن احسان , اعجاز , شوڪت لانگاھ  اسان تي حملو ڪري اسان جي ماڻهن کي زخمي ڪيو , جڏهن ته اسان جي پلاٽ تي لانگاھ برادري قبضو ڪرڻ چاهي ٿي , ان موقعي تي مينگهواڙ برادري جي ماڻهن ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي .

4

کهڙا ۾ پرائمري اسڪول ون جي پهرين کان پنجين درجي  جي شاگردن ۾ مفت درسي ڪتاب ورهايا ويا. گورنميٽ پرائمري اسڪول ون جي شاگردن ۾ مفت درسي ڪتاب ورهائڻ جي هڪ  تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ تعلقي ايجوڪيشن آفيسر گمبٽ محمد مشڪ رتڙ، اسڪول جي هيڊ ماستر ميان هشمت علي اڄڻ. استاد حليم الله سومري. استاد عامر جماڻي شرڪت ڪري سنڌ حڪومت طرفان آيل مفت درسي ڪتاب اسڪول جي شاگردن ۾ ورهايا ويا، ان موقعي تي ٽي او گمبٽ مشڪ رتڙ. استاد حليم الله سومري خطاب ڪندي چيوته تعليم انسان جي ٽين اک آھي. تعليم. علم کان سواء انسان اڻپورو اڌورو آھي. والدين کي گهرجي ته هو پنهنجي اولاد کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.