آرمي چيف سان يورپي يونين جي سفير جي ملاقات، افغان صورتحال تي ڳالهيون

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا  سان يورپي يونين جي سفير اندرولا ڪامينارا ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، افغانستان ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات ۾ يورپي يونين ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي هٿي ڏيارڻ جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته گڏيل مفادن جي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون ۽ پاڪستان يورپي ملڪن سان لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو.

آءِ ايس پي آر موجب يورپي يونين جي سفير  افغانستان ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽ افغانستان ۾ پاڪستان جي انتظام هيٺ ماڻهن کي ڪاميابي سان ڪڍڻ جي عمل کي ساراهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.