چين افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي حمايت ڪري ڇڏي

 

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين امارات اسلاميه افغانستان ۾ طالبان طرفان عارضي حڪومت قائم ڪرڻ جي تعريف ڪندي چيو آهي ته اسان نئين حڪومت سان هر ممڪن سهڪار ڪنداسين.

پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ وينبن چيو ته افغانستان جي آزادي، علائقائي سلامتي ۽ خود مختياري جو احترام ڪيون ٿا ۽ نئين حڪومت سان رابطا رکڻ لاءِ تيار آهيون.

هن چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ نئين سر تعمير لاءِ عبوري حڪومت قائم ڪرڻ هڪ ضروري قدم آهي، جنهن جي تعريف ڪرڻ گهرجي.

ترجمان ان اميد جو اظهار به ڪيو ته افغانستان جي عبوري حڪومت سڀني نسلن ۽ گروهن جي ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌندي ۽ پنهنجي عمل سان ثابت ڪندي ته اها پنهنجي ماڻهن جي خواهشن ۽ عالمي برادري جي اميدن تي پوري لهي ٿي.

واضح رهي ته طالبان افغانستان جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ کانپوءِ گذريل ڏينهن عارضي حڪومت جو اعلان ڪيو هو.

طالبان طرفان اعلانيل 27 رڪني ڪابينا ۾ ڪا عورت شامل ناهي ۽ نه ئي طالبان کانسواءِ ڪنهن ٻي تنظيم، گروهه يا اقليت کي نمائندگي ڏني وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.