ٻيراڻي ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف مظاهرو

نئون آباد (ن ع آ) ٽائون ڪاميٽي ٻيراڻي جي وارڊ نمبر 3 رباني شاھ محلي ۾ ترقياتي ڪمن ۾ ٽائون انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني سبب گٽر نالين ۽ رستن جو ڪم نه ٿيڻ ۽ تاريخي قبرستان جي چوديواري نه اچڻ ڪري رھواسين محمد يعقوب بھراڻي،علي اسگر بهراڻي شوڪت بهراڻي ايوب بھراڻي،ڌگاڻي فقير بھراڻي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان جي پاڙي ۾ ڪو به ترقياتي ڪم ناھي ٿيو ڪافي دفعا ٽائون ڪاميٽي ٻيراڻي جي انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن جي ماڻھن پاران رستي ۽ گٽر نالين جي ماپ ڪئي وئي پر ڪوبه ڪم ناھي ڪرائيو انھن وڌيڪ چيو ته 7کان 8 سال پھرين گٽر نالي جو ڪم شروع ٿيو پر ٺيڪيدار ڪم اڌ۾ڇڏي فرار ٿي ويو جنھن گٽر نالي جو ڪم به مڪمل نه ڪيو نيڪال جو سسٽم نه ھئين ڪري اسان جي اچ وڃ واري رستي تي گٽرن جو گندو پاڻي بيٺل آهي جنھن سان اسان کي اچ وڃ ۾ تڪليف ٿئي ٿي ۽ گٽرن جي گندي پاڻي سبب مڇرن ء مکين جو آزار وڌي ويو آهي ۽ تاريخي قبرستان سيد غلام رباني شاھ جي چوديواري نه ھئين ڪري قبرستان۾ رولو ڪتن قبرون مسمار ڪري ڇڏيو آھن ھنن تڪ جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان جي پاڙي ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن ۽ تاريخي قبرستان کي چوديواري ڏياري ان کي مسمار ٿيڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.