ميرپور خاص ۾آبپاشي ملازمن جا مطالبا منظور نه ٿيا، احتجاج

ميرپورخاص (بيورورپورٽ)آبپاشي کاتي ميرپورخاص جي ملازمن جي تنظيم ايريگيشن پرمننٽ فيلڊ ليبر يونين پاران سن ڪوٽا جي فراهمي، ڊائريڪٽر نارا ڪئنال سرڪل ۾ خالي پيل پوسٽن تي ڪامورن پاران ناني ويڙو ڪري سفارشن ۽ رشوت عيوض ملازمن جي ڀرتين جي ڪوشش خلاف سوين ملازمن پاران ڊائريڪٽر نارا ڪئنال ميرپورخاص جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ڊائريڪٽر نارا ڪئنال ۽ ڪامورن خلاف چتي نعريبازي ڪئي. مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن نورمحمد مري، شوڪت چانڊيو قادر مهر، جاويد بلوچ، سومر خاصخيلي، ميوو خان ۽ ٻين چيو ته آبپاشي کاتي جا ڪامورا ننڍن ملازمن جي حقن تي ڌاڙا هڻي رهيا اهن نارا ڪئنال سرڪل ۾ خالي پيل مختلف پوسٽن تي مقررين لاءِ ڪامورا سفارشي ماڻهن ۽ رشوت عيوض من پسند ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن جنهن لاءِ ڪامورن پاڻ ۾ ناني ويڙو ڪري لسٽون به تيار ڪري ورتيون آهن ڪامورن پاران ميرٽ جي لتاڙ ڪندي سفارش ۽ رشوت عيوش ڀرتين کي اسين ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين وڏي عرصي کان ڪامورا اسان جي حقن تي ڌاڙا هڻي رهيا آهن جن کي هاڻ ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين جيڪڏهن هنن ميرٽ جي لتاڙ ۽ ملازمن جي حقن تي ڌاڙا هڻڻ بند نه ڪيو ته ڪامورن خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.