سنڌ يونيورسٽي پاران ماڊل اسڪولن جي فيس ۾ واڌ، شاگرد پريشان

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽيء انتظاميا اداري جو خساري ۾ ڄاڻائي ماڊل اسڪول ڄامشورو ۽ حيدرآباد جي فين ۾  ھڪ ئي ڌڪ سان 1200 سئو روپين جو اضافو ڪري ڇڏيو ٻارڙن جا والدين سخت پريشان، اڪثر والدين پنھنجن ٻارڙن کي ماڊل اسڪول مان ڪڍرائي ڇڏيو. سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل ماڊل اسڪول ڄامشورو ۽ حيدرآباد جي فين  وائس چانسلر محمد صديق ڪلھوڙو يونيورسٽي جو بجيٽ خسارو ڄاڻائي ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. پھرين درجي کان پنجين ڪلاس جي في 300 روپيا ھئي جيڪا آگسٽ 2021ع کان وڌائي 1500 سئو ڪئي وئي آھي جنھن سبب ٻارڙن جا والدين سخت پريشان ٿي ويا آھن. ان موقعي والدين جو چوڻ آهي ته وي سي پاران فين ۾ بي انتھا اضافي سبب سوين ٻارڙا تعليم کان محروم ٿي ويندا. ھنن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي آفيسرن توڙي استادن جون پگهارون لکن ۾ آھن ۽ ھو پنھنجي شاھ خرچين تي ماھوار لکين روپيا خرچ ڪري رھيا آھن. سنڌ يونيورسٽي جو وي سي خرچ گھٽ ڪرڻ بدران اسڪولن جي فين ۾ اضافو ڪري خسارو پورو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي. جنهن سبب اسان غريب ماڻھن جا سوين ٻارڙا تعليم کان محروم ٿي ويندا. ماڊل اسڪول  جي فين ۾ واڌ سبب سوين ٻارڙن جي والدين ماڊل اسڪول مان داخلا ختم ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. ھنن سنڌ حڪومت ۽ يونيورسٽي ۽ بورڊ جي وزير کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي وڌايل فين جو نوٽيس وٺي وي سي سنڌ يونيورسٽي کان پڇاڻو ڪيو وڃي.  17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.