نوجوانن کي راندين جا موقعا ڏيڻ گهرجي: نور حسن جوکيو

ملير (ڊ ر ) ضلع ڪائونسل ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر نور حسن جوکيو چيو آهي ته اسان جي علائقن جا نوجوان راندين جي ميدان ۾ نالو روشن ڪري سگهن ٿا پر شرط اهو آهي ته انهن کي راندين لاءِ موقعا فراهم ڪيا وڃن، ضلع ڪائونسل ڪراچي محدود وسيلن جي هوندي به راندين جا مقابلا ڪرائي انهن جي مالي مدد پڻ ڪندي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن شهيد عبدالله مراد فائونڊيشن پاران 6 سيپٽمبر يوم دفاع جي حوالي سان ٿيندڙ فٽبال ٽورنامنٽ جي فائنل تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر نور حسن جوکيو وڌيڪ چيو ته 6 سيپٽمبر پاڪستان جي تاريخ جو عظيم ڏينهن آهي ان حوالي سان اسانجي حدن ۾ مختلف پروگرام ڪوٺايا ويندا آهن، هن چيو ته مان سمورن آرگنائزرن کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو جيڪي ايندڙ نسل کي پنهنجي عظيم تاريخ منتقل ڪري رهيا آهن، ان موقعي تي فائونڊيشن جي آرگنائزر ڪامران عبدالله مراد چيو ته ملير جي نوجوانن ۾ وڏو ٽيلينٽ آهي پر مالي مسئلن سبب هو پنهنجي عروج ۾ ئي سفر کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن، اسان جي فائونڊيشن بنا رنگ نسل جي ملير جي نوجوانن کي اڳتي آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ڪري رهي آهي، ضلع ڪائونسل هر سطح تي اسان سان تعاون ڪيو آهي، ٽورنامنٽ ۾ اسماعيل ميموريل ۽ بلوچ محمدن وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ اسماعيل ميموريل 2-1 کان ڪاميابي حاصل ڪئي، آخر ۾ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ٽيم ۾ انعام پڻ تقسيم ڪيا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.