نوابشاهه بورڊ جي ڪنٽرولر جون بليڪ ميلرن خلاف دانهون

دولتپورصفن  (ن ع آ ) نوابشاھ تعليمي بورڊ جي ڪنٽرولر ڊاڪٽر وحيد مراد ڏاهري دولتپورصفن پريس ڪلب ۾ پهچي صحافين آڏو سندس خلاف ميڊيا ۾ هلندڙ انهن خبرن جنهن ۾ چيو ويو آهي ته منهنجا ايم – اي جا پرچا مون نه  پر ڪنهن ٻئي ڏنا آهن ، ان جي سختي سان ترديد ڪندي چيو ته مون پاڻ ايم – اي جا پرچا ڏنا آهن،مان تعليمي لحاظ کان ڊاڪٽر آهيان ، پر منهنجو حق آهي تہ ڪيتري بہ تعليم حاصل ڪيان ، ڇا ملازمت سان گڏ تعليم پرائڻ ڏوھ آهي ڇا ، ڪجھ بليڪ ميلر پنهنجن ٻارن کي وڌيڪ گريڊ ڏيارڻ لاء مونکي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن ، پر مان سندن بليڪ ميلنگ ۾ نہ ايندس ۽ فيصلا ميرٽ تي ڪندس ، هن چيوتہ انهن بليڪ ميلرن خلاف مان وڪيلن سان صلاح ڪري عدالت ۾ ويندس ، هن چيوتہ پرچا مون پاڻ ڏنا آهن ڪنهن ٻئي نه ڏنا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.