مٽياري لڳ ماسترياڻي پوليو ڊيوٽي تي، اسڪول بند، شاگردياڻيون پريشان

مٽياري (ڊ ر) مٽياري لڳ گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول ڳوٺ جمع شھوڪ ۾ تقريبن 100 کان مٿي  شاگردياڻين جي انرولمينٽ آهي  ۽ سڀئي شاگردياڻيون اسڪول ۾ اچن ٿيون جتي صرف ھڪ گورنمينٽ ٽيچر آهي جيڪا 100 شاگردياڻين کي اڪيلي سر تعليم ڏئي رھي آھي. پر گذريل ٻن سالن کان ان کان کيبر شھر ۾ پوليو جي ڊيوٽي ورتي پئي وڃي. جنهن ڪري ڳوٺ جمع شهوڪ جو پرائمري اسڪول بند رھي ٿو. جنهن ڪري نياڻين جي تعليم گهڻي متاثر ٿي رھي آھي ھڪ ته ڪيترن ئي مهينن کان سڄي سنڌ ۾ ڪورونا وبا جي ڪري اسڪول بند ھئا.جڏھن ته هاڻ حڪومت طرفان اسڪول کوليا ويا آھن پر مٽياري جي صحت کاتي وارن گورنمينٽ   گرلس ڳوٺ جمع شھوڪ ۾ پڙهائيندڙ هڪ ئي ٽيچر جي پوليو ۾ ڊيوٽي لڳائي ڇڏي آهي.  ھڪ ته شاگردياڻين جو تعداد گھڻو آھي ٻيو وري انھي ٽيچر کان پوليو جي ڊيوٽي ورتي پئي وڃي جڏهن استادياڻي صحت کاتي کان معذرت ڪندي عرض ڪيو ته هن اسڪول ۾ هڪ ئي  ٽيچر آهي اگر اها پوليو ڊيوٽي ڪندي ته پوء شاگردياڻين جو ڇا ٿيندو جنهن ڪري آئون پوليو ڊيوٽي نٿي ڪري سگهان ۽ چيائين ته صحت کاتي جي ڊاڪٽر ظھير، ڊاڪٽر صاحبڏنو ۽ افضل شاھ جو ضد آهي ته ھي ٽيچر پوليو ڊيوٽي ڪري جڏهن  ته کيبر ۾ 20 کان مٿي ميل فيميل ٽيچر  ۽ والنٽيئر آهن.ان موقعي تي ڳوٺ جمع شھوڪ جي ڳوٺاڻن دانهيندي چيو آھي ته اسان ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد مرتضي علي شاھ صاحب، وزير تعليم سيد سردار شاھ کي عرض ٿا ڪريون ته اسان جي ڳوٺ جمع شهوڪ جي معصوم شاگردياڻين تي رحم ڪري گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول جمع شهوڪ جي ٽيچر جي پوليو مان ڊيوٽي ختم ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.