نوجوان کنڀڻ ۽ ڦرلٽ الزام ۾ 20 اهلڪار عدالت طلب

خيرپور (ڊر) خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت تعلقه گمبٽ جي علائقي ڦوڙي گلو واهڻ جي رهواسڻ مسمات سيان ڌيءَ محمد رمضان ناريجو طرفان پنهنجي ماسات گلاب خان ولد راحب علي ناريجو جي بازيابي لاءِ داخل ڪرايل درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي الزام هيٺ آيل ڊي ايس پي ڪمپلينٽ سيل خيرپور، ڊي ايس پي گمبٽ ۽ گمبٽ، کهڙا، بهارو ۽ ٽنڊومستي ٿاڻن جي ٿاڻيدارن، اي ايس آءِ رحيم بخش ناريجو، اي ايس آءِ صاحب ڏنو ناريجو سميت 20 ڄڻن خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. عدالت ۾ مسمات سيان ناريجو درخواست داخل ڪرائيندي پوليس آفيسرن مٿان الزام مڙهيو آهي ته هنن پهرين سيپٽمبر 2021 تي سندن جي گهرن ۾ گهري ڦرلٽ ڪرڻ بعد نوجوان گلاب خان ناريجو کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.