مبارڪپور لڳ ٻن ڌرين ۾لنگهه تان جهيڙو، 4 ڄڻا زخمي

مبارڪپور ( ن ع آ ) مبارڪپور ٿاڻي جي حد  ڳوٺ عبدالحڪيم گورشاڻي ۾ گورشاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ رستي جي لنگھه تان جھيڙو ٿي پيو آهي، جنهن ۾  ڌرين هڪ ٻئي کي  لٺيون ۽ سروٽا هڻي هڪ ٻئي جا  4 ماڻهو  رٽائر پوليس اھلڪار عبدالرزاق گورشاڻي. تاج محمد گورشاري، علي نواز گورشاڻي  سميت 4 ڄڻا زخمي ڪري وڌا، زخمين کي وارثن مبارڪپور ٿاڻي تي آندو، جتي  مبارڪپور   پوليس ليٽر ڏئي علاج لاءِ زخمين کي  جيڪب آباد موڪلي ڇڏيو آهي، جڏهن ته عبدالرزاق گورشاڻي جي فرياد تي مبارڪپور پوليس 3 ڄڻن  محمد اسعاق گورشاڻي ، بهرام گورشاڻي جانب  گورشاڻي تي اين سي داخل ڪري ڇڏي،  آخري اطلاع تائين ڪا به گرفتاري عمل نه آئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.