جروار ۽ ڀرپاسي ۾ پاڻي کوٽ، فصل سڪي ويا، احتجاج

جروار ( ن ع آ )  جروار ۽ ڀرپاسي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف جروار مائينر جي پُل تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ڳوٺ محبوب ملڪ، ڳوٺ چاڪر خان گبول  سميت ٻين ڳوٺن جا ڪيترائي ماڻھو روڊن تي نڪري آيا، ان موقعي تي مظاھرين اسلم پتافي، فرمان بوذدار  ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو آھي ته جروار مائينر ۾ پاڻي نه ھُجڻ سبب اسان جو فصل سُڪي تباھ ٿي رھيو آھي ۽ چونڊيل نمائندن سميت ڪنھن به وس واري ۽ لاڳاپيل کاتي جي عملدارن جي ڪن تي جونءَ  به نه ٿي چُري ، ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪڏھن ٿورو گھڻو پاڻي اچي به ٿو ته اھي به وس وارا ، بااثر ماڻھو پکا لڳائي پنھنجي پنھنجي فصل کي آباد ٿا ڪن ۽ باقي بي پُھچ ماڻھو پاڻي اچڻ جي انتظار ۾ پنھنجي اکين سان تباھ ٿيندي پنھنجو فصل ڏسي رھيا آھن مظاھرين وڌيڪ وس وارن ۽ لاڳاپيل کاتي جي عملدارن ميڊيا جي معرفت ڌمڪي ڏيندي چيو آھي ته جيڪڏھن جروار مائينر ۾ ٻن ڏينھن اندر پاڻي نه ڇڏيو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.