خيرپور سيشن جج ليلا جا آتڻ پهتو، کوٽائي ڪندڙ ۽ آرڪيالاجي شاگردن کان تفصيل ورتا

اڪري چودڳي (ن ع آ) تاريخي ماڳ ليلا جا آتڻ تي هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت سيشن جج فرسٽ جوڊيشل مئجسٽريٽ خيرپور محمد ڪامل مهر پهتو جتي ان تاريخي ماڳ جو دورو ڪيو اتي موجود کوٽائي ڪندڙ عملي ۽ آرڪيالاجي جي شاگردن کان تفصيل معلوم ڪيا ۽تاريخي ماڳ جي زمين جي مالڪي جي دعوي ڪندڙ ڊاڪٽر صفدر آرائين جمال الدين شر ۽ٻين کان پڻ تفصيل معلوم ڪيا ان موقعي تي تاريخي ماڳ جي زمين تي قبضي جي الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر صفدر آرائين ۽جمال الدين شر معزز جج صاحب آڏو دانهيندي چيو ته آرڪيالاجي کاتي وارن وٽ ڪا به لکت ناهي اسان جي زرعي زمين کي تاريخي ماڳ جي زمين زبردستي ڄاڻايو پيو وڃي معزز جج جي سامهون ثبوتن سان ريڪارڊ پيش ڪيو  جڏهن ته سيشن جج فيض گنج روينيو عملدارن کان پڻ ريڪارڊ بابت پڇاڳڇا ڪئي معزز سيشن جج جي ماڳ معائني دوران آرڪيالاجي کاتي جو ڪوبه ذميوار عملدار موجود نه هيو ۽ اتي موجود آرڪيالاجي شاگردن تاريخي ماڳ جو لڳل سائن بورڊ چوري ڪرڻ ۽پينا فليڪس ڦاڙڻ ۽مختلف بهانن سان قبضا مافيا پاران هراسان ڪرڻ جون شڪايتون پڻ سيشن جج آڏو ريڪارڊ ڪرايون ٻئي طرف تاريخي ماڳ تي بنا اطلاع دير سان پهتل جسقم لائير فورم جي اڳواڻ راجا الطاف شر،عطاحسين شر ،عبدالرحيم انيس الرحمان ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته سول جج فيض گنج پاران رد ڪيل ڪيس خلاف هاءِ ڪورٽ سکر ۾ داخل پٽيشن نمبر 442 تحت هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تحت آيل معزز جج صاحب يا ڊي سي خيرپور توڙي روينيوعملي  فيض گنج سميت معزز جج جي انڪوائري توڙي دوري جو اسان کي توڙي آرڪيالاجي کاتي کي ڪو به اطلاع نه ڏنو ويو قبضا مافيا جا وانگارن  گڏ هئا ۽ اسان جو ڪوبہ ماڻهو موجود نہ هيو .قبضا گير ڊاڪٽر صفدر آرائين ۽جمال الدين شر ملي ڀڳت ڪري چوري چوري بنا اطلاع جي من پسند انڪوائري ڪرائڻ چاهين پياپر صحافي برادري ۽آرڪيالاجي شاگردن توڙي سڄاڻ ڌرين موقعي تي پهچي اهڙي سازش کي ناڪام بڻايو ۽معزز جج صاحب کي ماڳ جي تاريخي حيثيت دريافت ٿيل گهر انساني ڍانچن ۽نوادرات جي باري ۾ آگاھ ڪيو ويو ٻئي طرف رات تاريخي ماڳ تي آرڪيالاجي کاتي پاران نصب ڪيل سائن بورڊ نامعلوم شرپسندن چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي بورڊ نه اکڙڻ سبب بورڊ تي لکت ٿيل پينافليڪس ڦاڙيو ويو جڏهن ته بورڊ معاملي جو ڪو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي  واضع رهي ته تاريخي ماڳ ليلا جا آتڻ اڪري چودڳي شهر کان اولهھ ڏکڻ ۾ واقع آهي جيڪو 3500 سو سال پراڻو تباھ ٿيل شهر ٻڌايو پيو وڃي، سنڌ سرڪار گذريل هفتي ماڳ جي کوٽائي لاء هڪ ڪروڙ روپيا ماليت جو ٽينڊر پڻ جاري ڪيو هو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.