خيرپور ۾ اٺين ڪلاس جو شاگرد منشيات ڪيس ۾ جيل حوالي

خيرپور (ڊر)  خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏا سمنگ جي رهواسي يتيم 8 ڪلاس جي شاگرد نعمان علي سمنگ کي بي سيڪشن  پوليس گرفتار ڪري ان مٿان منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، نينگر جي وارثن نثار سمنگ, علي رضا سمنگ،شير خان سمنگ،بشارت علي قدير احمد سمنگ ۽ ٻين احتجاج ڪندي اخبار وارن کي ٻڌايو ته 7 ڏينهن اڳ بي سيڪشن پوليس جي اي ايس آءِ سپاهين کي ساڻ ڪري 8 ڪلاس جي شاگرد نعمان علي سمنگ کي پنهنجي دڪان تان کنڀي کڻي ويو ۽ ان مٿان منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري جيل اماڻي ڇڏيو ، هنن چيو ته اي ايس آءِ بخش علي شاهاڻي ۽ ٻين پوليس اهلڪارن نعمان جي دڪان مان 65 هزار روپيا کنيا جيڪي واپس گهرڻ تي شاگرد تي ڪوڙو منشيات جو ڪيس داخل ڪيو ويو، هنن آءِ جي سنڌ ، ٻارڙن جي حقن لاء ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمن, ڊي آءِ جي سکر ، ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته 8 ڪلاس جي بيگناهه گرفتار ڪيل شاگرد کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي ، ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.