دوڙ ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن تي ڀتاخوري جو ڪيس داخل

دوڙ (ن ع آ ) پ پ پ چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري جي نواب شاهه آمد بعد سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۽ پيپلزپارٽي ڪارڪنن وچ ۾ ٿيل ڇڪتاڻ بعد بلاول ڀٽو زرداري جو روٽ تبديل ڪرڻ کانپوءِ قوم پرست ڪارڪنن ۽ پ پ ڪارڪنن ۾ ٿيل ٽڪراءُ تيزي جاري آهي تازوئي 3 ڏينهن اڳ نواب شاهه ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران جلسو ڪرڻ کان پوءِ دوڙ ٿاڻي تي پ پ پ ورڪر غلام مصطفي کرل ايس ٽي پي جي ضلعي صدر نثار احمد ڪيريو، رفيق ملاح ۽ هڪ هفتي کان کنڀي گم ڪيل سيد رستم شاھ، زين انڙ ۽ عاقب طرفان مٿان 30 لک رپيا ڀتو گهرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ميڊيا پاران رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او دوڙ مقصود احمد چنا ڪيس بابت تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ غلام مصطفي کرل ڪيس داخل ڪرايو آهي جنهن جي جانچ نواب شاهه پوليس وٽ آهي. ٻئي طرف ايس ٽي پي جي ضلعي صدر نثار احمد ڪيريو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته حڪومت جي زور تي اسان مٿان ڪوڙا ڪيس مڙهيا پيا وڃن جنهن کان اسان ڊڄڻ وارا ناهيون اسان ڌرتي خاطر پنهنجو سر قربان ڪري سگهون ٿا پر پيپلزپارٽي اڳيان جھڪڻ جو سوچي به نٿا سگهون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.